9 مئي ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل منتقل

لاهور جي انسداد دهشتگردي عدالت اڱاري تي 9 مئي 2023 جي واقعن سان لاڳاپيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
پوليس موجب اشتهاري قرار ڏنل حماد اظهر کي ملتان مان گرفتار ڪيو ويو هو. ان کان اڳ 15 آڪٽوبر تي سندس جسماني ريمانڊ ۾ 12 ڏينهن جو واڌارو ڪيو ويو هو.
ذريعو: Geo News



