پاڪستان
بجلي جي 200 يونٽن واري حد 250 ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي: اويس لغاري
وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته حڪومت ان طريقي کي ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت هڪ مهيني ۾ 200 يونٽن کان هڪ يونٽ به وڌيڪ استعمال ڪندڙ صارفن کي ايندڙ ڇهن مهينن تائين وڌيڪ اگهه تي بل ڏنو وڃي ٿو. اهو معاملو مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عابد شير علي اٿاريو هو.

