حڪومت جا پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سان غير رسمي رابطا آهن: رانا ثناءُالله

وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت جا پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سان فون تي ۽ پارليامينٽ جي اجلاسن دوران غير رسمي رابطا آهن، پر هن انهن جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته ان سان انهن اڳواڻن جي پنهنجي پارٽي ۾ ساک متاثر ٿي سگهي ٿي.
جيو نيوز جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهه اڳتي وڌي ته اهي رابطا باقاعدي ڳالهين ۾ بدلجي سگهن ٿا. هن پي ٽي آءِ جي اندروني ورهاڱي کي اڳين ڳالهين جي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏنو ۽ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اڇڪزئي تي زور ڀريو ته هو وزيراعظم سان ملاقات ڪري.
ذريعو: Geo News



