پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو جو اختيار ختم يا محدود ڪرڻ جو مطالبو

پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن کي مليل ويٽو جو اختيار ختم يا محدود ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جي استعمال سبب ڪائونسل اداري جي سطح تي جمود جو شڪار ٿي چڪي آهي.
پاڪستان ڊگهي عرصي کان سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي بحث ۾ شامل رهيو آهي ۽ ڪائونسل ۾ نوان مستقل ميمبر شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي.
ذريعو: Geo News


