بجلي جي 200 يونٽن واري حد 250 ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي: اويس لغاري

وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته حڪومت ان طريقي کي ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت هڪ مهيني ۾ 200 يونٽن کان هڪ يونٽ به وڌيڪ استعمال ڪندڙ صارفن کي ايندڙ ڇهن مهينن تائين وڌيڪ اگهه تي بل ڏنو وڃي ٿو. اهو معاملو مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عابد شير علي اٿاريو هو.
وزير موجب اها حد 200 مان وڌائي 250 يونٽ ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. هن چيو ته رليف گهٽ استعمال وارن لڳ ڀڳ ٻن ڪروڙ صارفن مان رڳو غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ گهرن کي ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪجهه سولر استعمال ڪن ٿا.
ذريعو: Geo News


