ڪراچي: نوڪري جو لالچ ڏئي عورتن جا موبائل کڻي ڀڄندڙ ملزم عدالت ۾ پيش

ڪراچي جي علائقي گڏاپ ۾ هڪ فارم هائوس تي نوڪري جو لالچ ڏئي لڳ ڀڳ 60 عورتن کي گهرائي سندن موبائل فون کڻي فرار ٿيڻ جي الزام ۾ گرفتار ملزم کي اڱاري تي ملير ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، جتي متاثر عورتن کيس گهيرو ڪري ورتو.
پوليس موجب بابر نالي ملزم کي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان ڪيترائي موبائل فون هٿ ڪيا ويا. عدالت هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو. پوليس چيو آهي ته ڪيترائي فون اڃا هٿ ڪرڻا آهن ۽ ملزم جي مبينه ساٿين جي گرفتاري اڃا ٿيڻي آهي.
ذريعو: Geo News



