ڪراچي: هٿيار ڏيکاري شهرين کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو، سنڌ جي گهرو وزير رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي سائوٿ کان ان وائرل وڊيو بابت رپورٽ گهرائي آهي، جنهن ۾ بظاهر هٿياربند ماڻهو ڊفينس جي مختلف علائقن ۾ ويندڙن کي هٿيارن جي زور تي ڊيڄاري رهيا آهن.
پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، وڊيو جي سچائي جاچي وڃي ۽ الزام ثابت ٿيڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اڃا تائين ڪنهن به گرفتاري جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.
ذريعو: Geo News



