ڪراچي ٽينڪر مافيا جي حوالي، عوام پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهن: شاهي سيد

ڪراچي: عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته ڪراچيءَ جا عوام پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن، جڏهن ته شهر کي ٽينڪر مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي. شهري پنهنجي گهريلو ضرورتون پوريون ڪن يا مهانگي اگهه تي پاڻيءَ جا ٽينڪر خريد ڪن. هن چيو ته ڪي فور منصوبي کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪراچيءَ جا شهري ان جي فائدن کان محروم آهن. اربين رپين جي هن منصوبي باوجود عوام کي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ اڃا وڌيڪ انتظار ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هي منصوبو عملي نتيجن بدران حڪومتي اعلانن ۽ واعدن تائين محدود نظر اچي ٿو. شاهي سيد چيو ته پاڻي، بجلي ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جيڪڏهن حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم نٿي ڪري سگهي ته ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪي فور منصوبو فوري طور مڪمل ڪيو وڃي، ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ عوام کي ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بدران پاڻيءَ جي بحران جي مستقل حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.



